اي. ڪي. هنگل

اي. ڪي. هنگل

اي ڪي هنگل

اي. ڪي. هنگل: اي ڪي هنگل جو پورو نالو اوتار ڪشن هنگل آهي ۽ هو اورل ڪشميري پنڊتن مان آهي. بعد ۾ هن جي خاندان جو واسطو دهلي ۽ پشاور سان رهيو. اي. ڪي. هنگل پهرين فيبروري 1917ع تي جنم ورتو. اي. ڪي. هنگل بالي ووڊ فلم انڊسٽريءَ جو مشهور اداڪار رهيو آهي ۽ شروع واري دؤر ۾ سياست سان به لاڳاپيل رهيو آهي.
اي. ڪي ڪيترو ئي عرصو هندستان جي ڪميونسٽ پارٽيءَ ۾ رهيو ۽ بعد ۾ ڪراچيءَ ۾ ان جو سيڪريٽري جنرل به رهيو. نيويءَ جي بـغـاوت کـانـپوءِ مئي 1948ع ۾ ساٿين سميت گرفتار ٿيو. انهن ساٿين ۾ سوڀو گيانچنداڻي پڻ شامل هو. 1949ع ۾ جيل ۾ رهڻ دوران هن سرڪار کي خط لکيو ته: منهنجي گهر واري ۽ ننڍڙو پٽ اڪيلا آهن، پٺيان ٻيو ڪو به ڪمائڻ وارو ڪونهي. ان ڪري مونکي آزاد ڪيو وڃي ته مان هن ملڪ مان پنهنجا ٽپڙ کڻي بمبئي هليو وڃان (اهو فيصلو هن جيل ۾ دوستن جي صلاح مشوري بعد ڪيو هو.). سرڪار پوءِ هن کي واقعي به آزاد ڪيو ۽ هڪ سامونڊي جهاز ۾ ڪياماڙي بندر تان کيس بمبئيءَ ڏانهن روانو ڪيو ويو. اي. ڪي پيشي جي حوالي سان هڪ بهترين درزي هو ۽ درزين جي يونين جو سربراهه پڻ هو. هي جڏهن جيل ۾ هو ته جيل سپرنٽينڊنٽ جي پوري گهر جا ڪپڙا سبي ڏيندو هو. هن کي ڊرامن ۾ اداڪاري ڪرڻ جو شروع کان ئي شوق هو ۽ هو انڊين پيپلز ٿيئٽرس سان لاڳاپي ۾ آيو ۽ ڪيترن ئي ننڍن وڏن اسٽيج ڊرامن ۾ پنهنجي فن جا جوهر ڏيکاريائين بعد ۾ جڏهن هندستان ويو ته هن 200 کان وڌيڪ فلمن ۾ ڪم ڪيو، فلم شعلي ۾ سندس مشهور ڊائلاگ ’اتنا سناٽا ڪيون هي ڀائي‘ بالي ووڊ جي مقبول ترين ڊائلاگن ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو. هن جي هڪ ٻي وڏي خوبي اها هئي ته هو اهڙن تمام گهٽ ڪامياب اداڪارن مان هڪ هو، جنهن کي زبان ۽ ٻوليءَ تي گرفت حاصل هئي. بالي ووڊ جي تاريخ ۾ هڪ وقت اهڙو به آيو جنهن ۾ شايد ئي ڪا اهڙي فلم هوندي، جنهن ۾ اي. ڪي جو ڪو به ڪردار شامل نه هجي. هن اداڪاريءَ جي شروعات ٿيئٽر کان ڪئي ۽ هو تمام گهڻو عرصو اپٽائيٽر سان واڳيل رهيو. جتي سندس ملاقات بلراج، ساهني ۽ ڪيفي اعظميءَ سان ٿي، جـن کـڻـي بـالـي ووڊ فـلـم انڊسـٽريءَ ۾ آندو. سندس ڪامياب فلمن ۾: (1) ’شعلي‘، (2) ’نمڪ حرام‘، (3) ’شوقين‘، (4) ’آئينا‘ ۽ (5) ’باورچي‘ اهم جاءِ والارين ٿيون. سالن جي وقفي کانپوءِ هن ڪلرز چئنل تي نشر ٿيڻ واري سيريل مڌوبالا ۾ پڻ اداڪاري ڪئي. هي آخري وقت تائين بالي ووڊ فلم انڊسٽريءَ سان لاڳاپيل رهيو ۽ آخري وقت تائين هندستاني ڪميونسٽ پارٽيءَ سان به لاڳاپيل رهيو. سٺو دوست، سٺو ڪامريڊ، سٺو اداڪار ۽ سٺو فنڪار هو، جيڪو پنهنجي فن سان سچو رهيو. 98 ورهين جي ڄمار ۾ 26 آگسٽ 2012ع تي وفات ڪيائين.


لفظ اي ڪي هنگلھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1917.02.01  عيسوي

اي. ڪي. هنگل پهرين فيبروري 1917ع تي جنم ورتو.


2012.08.26  عيسوي

اي. ڪي. هنگل 98 ورهين جي ڄمار ۾ 26 آگسٽ 2012ع تي وفات ڪيائين.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ضياء الدين احمد
شعيب ملڪ
عبدالواحد هاليپوٽو
تلڪ بال گنگاڌر
ديندار خان بخاري
سومر عطار
صغران بي بي
خواجه عبدالرحمان مجددي سرهندي
فتح علي جتوئي
شرميلا ٽئگور
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون